اربع 21 نومبر 2018ء

گڏيل عرب امارات ۾ ملڪيت ٺاهيندڙ پاڪستانين خلاف ڪريڪ ڊائون شروع

ويب ڊيسڪ: پاڪستاني جاچ ڪندڙ دبئي انتظاميا جي تعاون سان گڏيل عرب امارات ۾ غير ملڪي ملڪيت جو پتو لڳائي ورتو آهي، 3 انٽليجنس رپورٽن جي بنياد تي وفاقي جاچ ڪندڙ ادارو (ايف آءِ اي) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۽ فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) اهڙن پنج هزار امير ترين پاڪستانين خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ملڪيت ٺاهڻ ۾ مبينا طور قومي قانون جي خلاف ورزي ڪئي آهي.