اڱارو 18  سيپٽمبر 2018ع

پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ فردوس شميم کي نامزد ڪري ڇڏيو

ڪراچي: پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ فردوس شميم کي نامزد ڪري ڇڏيو، فردوس شميم جو چوڻ آهي ته سنڌ سرڪار تي اصلاح لاءِ تنقيد ڪئي ويندي، سرڪار جو اهو مطلب ناهي ته صرف ۽ صرف ان تي تنقيد ئي ڪرڻي آهي هن سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ جي ايم پي اي ۽ نامزد مخالف ڌر اڳواڻ فردوس شميم چيو ته پارٽي جي ميمبرن کيس ذميواري ڏني آهي، هو ڪراچي سميت پوري سنڌ جي عوام لاءِ سنڌ اسيمبلي ۾ آواز اٿاريندو، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هو فرينڊلي اپوزيشن واري ڪردار بدران اصلاح ڪندڙ مخالف ڌر جو ڪردار ادا ڪنداسين.