آچر 18 نومبر 2018ء

پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿي ننڍي چونڊ وڙهڻ جي آڇ ڪئي وئي آهي: فاروق ستار

ويب ڊيسڪ: ڪراچي: ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار انڪشاف ڪيو آهي سندس کي پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿي ننڍي چونڊ وڙهڻ جي آڇ ڪئي وئي آهي، ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر فاروق ستار نئين چونڊيل صدر عارف علوي کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته مونکي هارائي ويو، اميد آهي ته عارف علوي ڪراچي جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندو.