سومر 19 نومبر 2018ء

يوم دفاع: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي شهيد پوليس سب انسپڪٽر جي گهر آمد

ويب ڊيسڪ: راولپنڊي: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ۽ سندس گهر واري شهيد پوليس سب انسپيڪٽر عباس جي گهر پهچي سندن قربانين جي واکاڻ ڪئي آهي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ۽ سندس گهر واري شهيد پوليس سب انسپيڪٽر عباس جي گهر پهچي شهيد جي عظيم قربانين کي ڀيٽا پيش ڪئي. هن چيو ته وطن لاءِ جان قربان ڪرڻ کان وڏي ڪابه قرباني ناهي، اسان جون قربانيون ملڪ لاءِ وقف آهن.