سومر 19 نومبر 2018ء

لاهور: چوري جي الزام ۾ پڪڙي ويل 2 عورتن تي بدترين تشدد، وزير اعليٰ پنجاب نوٽيس وٺي ڇڏيو

لاهور: لاهور جي ڳوٺ جلوموڙ ۾ ڪپڙي جي دڪان مان چوري جي الزام ۾ پڪڙيل 2 عورتن تي دڪاندارن ۽ ٻين ماڻهن بدترين تشدد جو نشانو بڻايو، وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته دڪان ۾ 2 عورتن کي ڪجهه ماڻهو تشدد جو نشانو بڻائي رهيا آهن.