اڱارو 18  سيپٽمبر 2018ع

اختيارن جو ناجائز استعمال: نيب يوسف رضا گيلاني خلاف ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو

ويب ڊيسڪ: راولپنڊي: نيب اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني خلاف نئين ريفرنس داخل ڪري ڇڏي. رپورٽ موجب نيب راولپنڊي اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني، اڳوڻي انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت جي سيڪريٽري فاروق اعواڻ، رياض اشعر صديقي، سي اي او ميسر ميڊاس پرائيويٽ لميٽيڊ انعام اڪبر جي خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو، جوابدارن تي ميڊاس پرائيويٽ لميٽيڊ وسيلي غير قانوني مشهوري مهم هلائڻ جو الزام لاڳو آهي. نيب اختيارين جو چوڻ آهي ته يوسف رضا گيلاني يو ايس ايف کان مشهوري مهم هلائڻ جي هدايت ڪئي، اڳوڻي آءِ ٽي سيڪريٽري فاروق اعواڻ اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي مشهوري مهم هلائي، جوابدارن جي قدمن سان قومي خزاني کي 128 ملين روپين جو نقصان ٿيو. نيب اختيارين جو وڌيڪ چوڻ آهي ته سي اي او ميڊاس انعام اڪبر اطلاعات کاتي جي هدايتن کي نظرانداز ڪيو ۽ قاعدن ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪري اشتهار جاري ڪيا، ڇو ته ميڊاس ڪمپني يو ايس ايف جي پينل تي نه هئي. ياد رهي ته ان کان اڳ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني تي نيب طرفان بدعنواني جي الزام ۾ ريفرنس داخل ٿي چڪي آهي.