اڱارو 18  سيپٽمبر 2018ع

اسحاق ڊار کي وطن واپس آڻڻ لاءِ 10 ڏينهن ۾ قدم کنيا وڃن: چيف جسٽس آف پاڪستان

ويب ڊيسڪ: اسلام آباد: چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار اڳوڻي خزاني واري وزير اسحاق ڊار کي وطن واپس آڻڻ لاءِ 10 ڏينهن ۾ قدم کڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. چيف جسٽس چيو ته هڪ شخص لنڊن جي گهٽين ۾ گهمي رهيو آهي ۽ وطن واپس اچڻ لاءِ تيار ناهي، عدالت گهرائي ته چوي ٿو ته ”مسل پل“ ٿي ويا آهن، اڳوڻو خزاني وارو وزير عدالت حڪم کي خاطر ۾ آڻڻ لاءِ تيار ناهي.