سومر 19 نومبر 2018ء

احتساب عدالت يوسف رضا گيلاني کي 26 سيپٽمبر تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ويب ڊيسڪ: اسلام آباد: احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي 26 سيپٽمبر تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. احتساب عدالت نيب ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني سميت ٻين 6 جوابدارن کي 26 سيپٽمبر تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ڪيس جي ٻڌڻي نيب ڪورٽ نمبر 2 جو جج ارشد ملڪ ڪندو جڏهن ته جج ارشد ملڪ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف به ڪيس جي ٻڌڻي ڪري رهيو آهي. نيب راولپنڊي اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني سميت ٻين 6 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو آهي. جوابدارن تي ميڊاس پرائيويٽ لمٽيٽيڊ ذريعي غير قانوني اشتهاري مهم هلائڻ جو الزام آهي. نيب اختيارين جو چوڻ آهي ته يوسف رضا گيلاني يو ايس ايف ذريعي اشتهاري مهم هلائڻ جي هدايت ڪئي. اڳوڻي سيڪريٽري آءِ ٽي فاروق اعواڻ اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي اشتهاري مهم هلائي ۽ جوابدارن جي قدم سان قومي ناڻي کي 128 ملين رپين جو نقصان پهتو.