خمیس 20  سيپٽمبر 2018ع

پاڪ_چين طرفان اسٽريٽجڪ سهڪار تي ٻڌل ڀائيواري کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو عزم

ويب ڊيسڪ: اسلام آباد: پاڪستان ۽ چين اسٽريٽجڪ سهڪار تي ٻڌل ڀائيواري وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. رپورٽن مطابق پاڪستان ۽ چين جي پرڏيهي وزيرن ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ ٻن طرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. چين جو پرڏيهي وزير وانگ زي اهم چيني اختيارين سان گڏ پرڏيهي آفيس پهتو، جتي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سندس استقبال ڪيو. ڳالهين کان اڳ ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ۾ ون ٽو ون ملاقات ٿي، جنهن کانپوءِ وفدن جي سطح تي ڳالهيون ڪيون ويون. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پاڪستاني جڏهن ته وانگ زي چيني وفد جي اڳواڻي ڪئي. ڳالهين ۾ خطي جي صورتحال، سي پيڪ، ٻنهي ملڪن ۾ معاشي ۽ ثقافتي سهڪار توڙي گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ٻنهي پرڏيهي وزيرن اسٽريٽجڪ سهڪار تي ٻڌل ڀائيواري کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو عزم ورجايو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته سي پيڪ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي ڇو ته سي پيڪ پاڪستان جي سماجي ۽ معاشي ترقي لاءِ اهم آهي. چيني پرڏيهي وزير وزيراعظم عمران خان کي چين ۾ ٿيل درآمدي شين جي عالمي نمائش ۾ خاص مهمان طور شرڪت جي دعوت ڏني. پرڏيهي آفيس جي ترجمان مطابق چيني پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته هو عمران خان کي چين ۾ ٿيندڙ انٽرنيشنل ايڪسپو ۾ گيسٽ آف آنر طور شامل ٿيڻ جي دعوت ڏئي ٿو.