خمیس 20  سيپٽمبر 2018ع

شهباز شريف پاران هڪ دفعو ٻيهر چونڊن ۾ ڌانڌلي جي جاچ لاءِ پارلياماني ڪميشن ٺاهڻ جو مطالبو

ويب ڊيسڪ: لاهور: ن ليگي صدر شهباز شريف جو چوڻ آهي ته چونڊن ۾ ٿيل ڌانڌلي جي جاچ لاءِ پارلياماني ڪميشن ٺهڻ تائين ڪابه ڪارروائي هلڻ نه ڏينداسين. لاهور ۾ ن ليگي صدر شهباز شريف، شاهد خاقان عباسي، احسن اقبال ۽ مريم اورنگزيب سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته عمران خان عوام جي ووٽن جي نه پر ڌانڌلي جي پيداوار آهي، مخالف ڌر سان گڏ گڏ حڪومتي اتحاد ۾ شامل پارٽيون به ڌانڌلي جون دانهون ڪري رهيون آهن. شهباز شريف چيو ته 17 آگسٽ تي وزيراعظم جي چونڊ واري ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ عمران خان ڌانڌلي جي جاچ لاءِ پارلياماني ڪميشن جوڙڻ جو واعدو ڪندي چيو هو ته جلد ڪميشن جو اعلان ڪندس، پر 3 هفتا گذري وڃڻ باوجود هن وقت تائين ڪميشن ناهي جوڙي وئي، اسان فيصلو ڪيو آهي ته پارلياماني ڪميشن ٺهڻ تائين اسان ڪنهن ڪارروائي کي اڳيان وڌڻ نه ڏينداسين، ڌانڌلي جي جاچ لاءِ ڪميشن جوڙي وڃي ۽ ايندڙ چونڊن ۾ ڌانڌلي روڪڻ لاءِ تجويزون پيش ڪيون وڃن.