خمیس 20  سيپٽمبر 2018ع

جهل مگسي جي علائقي ۾ پراڻي دشمني سبب هٿياربند جي فائرنگ ، 3 ڄڻا فوت

ويب ڊيسڪ: جهل مگسي: جهل مگسي جي علائقي ۾ پراڻي دشمني سبب هٿياربند ماڻهن جي فائرنگ ، 3 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته هڪ زخمي ٿي پيو. ليويز مطابق ڇنڇر تي جهل مگسي جي علائقي پنجڪ ڪانڊوري ۾پراڻي دشمني سبب اوچتو فائرنگ شروع ٿي جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته هڪ زخمي ٿي پيو. ليويز اطلاع ملندي ئي واقعي واري هنڌ پهچي لاشن۽ زخمين کي مقامي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو جتي ضروري ڪارروائي بعد لاشن کي وارثن جي حوالي ڪيو ويو. ليويز وڌيڪ ان سلسلي ۾ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.