ڇنڇر 22  سيپٽمبر 2018ع

ممنون حسين جو صدارتي مدو پورو، گارڊ آف آنر پيش، عارف علوي سڀاڻي عهدي جو حلف کڻندو

ويب ڊيسڪ: اسلام آباد: صدر ممنون حسين پنهنجي عهدي جو مدو پورو ٿيڻ تي ايوان صدر ڇڏي ويو. رپورٽ موجب صدر ممنون حسين ايوان صدر ۾ اڄ صدر جي حيثيت سان آخري ڏينهن گذاريو، صدر کي الوداعي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو، پاڪ فوج جي دستي صدر کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. صدر ايوان صدر جي آفيسرن ۽ عملي سان الوداعي ملاقاتون ڪيون ۽ هڪ هڪ ماڻهو سان ملاقات ڪئي جنهن کانپوءِ ممنون حسين ايوان مان هليو ويو. ياد رهي ته صدر ممنون حسين جي عهدي جو مدو اڄ رات 12 وڳي ختم ٿي ويندو جڏهن ته 4 سيپٽمبر تي صدارتي اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيندڙ ڊاڪٽر عارف علوي سڀاڻي پاڪستان جي 13 هين صدر جي حيثيت سان حلف کڻندو.