آچر 18 نومبر 2018ء

ريلوي طرفان ڊيم فنڊ ۾ هر سال 10 ڪروڙ جمع ڪرايا ويندا: شيخ رشيد

ويب ڊيسڪ: لاهور: ريلوي واري وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته ريلوي جو خسارو هڪ سال ۾ ختم ڪنداسين، ڪانٽريڪٽي ملازمن ۽ آفيسن مان گم رهندڙ ريلوي تي بار آهن، ريلوي جي ڪانٽريڪٽي ۽ گهوسٽ ملازمن کي فارغ ڪيو ويندو. ريلوي هيڊ ڪوارٽر ۾ اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته پاڪستان ريلوي ڊيم فنڊ لاءِ هر سال 10 ڪروڙ رپيه جمع ڪرائيندي. هن چيو ته 100 رپين جي ٽڪيٽ تي هڪ رپئي جو اضافو ڪيو ويندو، 100 رپين کان وڌيڪ جي ٽڪيٽن تي ٻن رپين جو اضافو ڪيو ويندو، ايئر ڪنڊيشن ڪار جي ٽڪيٽن تي 10 رپيه اضافو ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته حاصل ڪيل رقم ڊيم فنڊ ۾ جمع ڪرائي ويندي، پاڪستان ريلوي ۽ ڄامشوري ڪمپني ۾ ٺاهه ٿيو آهي، معاهدي سان ساڍا 4 ارب رپيه ريل جي روينيو ۾ اضافو ٿيندو، گوادر کي ريل جي نئين ڊويزن بڻائي ڇڏيو آهي، ملازمن کي 2 اضافي پگهارون ملنديون.