اڱارو 18  سيپٽمبر 2018ع

پرويز مشرف خلاف غداري ڪيس جي ٻڌڻي روزاني ڪرڻ جو فيصلو

ويب ڊيسڪ: اسلام آباد: خاص عدالت اڳوڻي صدر پرويز مشرف خلاف سنگين غداري واري ڪيس جي ٻڌڏڻي روزانو جي بنيادن تي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. رپورٽن مطابق اڳوڻي صدر پرويز مشرف خلاف سنگين غداري واري ڪيس جي ٻڌڻي خاص عدالت ۾ جسٽس ياور علي ۽ جسٽس نذر اڪبر ڪئي، جڏهن ته طاهرا صفدر اڄوڪي ٻڌڻي ۾ به غير حاضر رهي. ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس ياور علي رمارڪس ڏنا ته سنگين غداري ڪيس ۾ سمورا بيان رڪارڊ ٿي چڪا آهن. نصير الدين نيئر دليل ڏيندو ته جوابدار جو بيان رڪارڊ نه ٿيو ته ڪيس اڳتي ڪيئن هلندو ۽ نصير الدين نيئر اهي پڻ دليل ڏيندو ته جوابدار جو 342 وارو بيان اسڪائپ تي رڪارڊ ٿي سگهي ٿو؟ هن سوال ڪيو ته حڪومت جوابدار کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ ڪهڙا قدم کڻي رهي آهي؟ جنهن تي گهرو وزارت جي نمائندي موقف اختيار ڪندي عدالت کي ٻڌايو ته انٽرپول ذريعي پرويز مشرف جي گرفتاري جي درخواست ڏني هئي. جسٽس ياور رمارڪس ڏنا ته گهرو وزارت ايندڙ ٻڌڻي تي لکت ۾ ٻڌائي ته جوابدار کي پيش ڪري سگهون ٿا يا نه. خاص عدالت جي جج جسٽس ياور علي 9 آڪٽوبر کان سنگين غداري واري ڪيس جي روزاني ٻڌڻي جو فيصلو ڪندي رمارڪس ڏنا ته آخري ڀيرو سنگين غداري ڪيس ملتوي ڪري رهيا آهيون ۽ 9 آڪٽوبر کان سنگين غداري ڪيس جي روزاني بنيادن تي ٻڌڻي ٿيندي ان ڪيس کي آخري انجام تائين پهچائڻو آهي.