خمیس 20  سيپٽمبر 2018ع

گستاخ خاڪن خلاف حڪومت سخت ڪارروائي ڪري: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

ويب ڊيسڪ: اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو آهي ته حڪومت گستاخ خاڪن خلاف سخت ڪارروائي ڪري. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ هالينڊ سان سفارتي لاڳاپا ختم ڪرڻ لاءِ درخواست جي ٻڌڻي ڪئي وئي. ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس محسن اختر ڪياني ڪئي. درخواستگذار موقف پيش ڪيو ته هالينڊ ۾ گستاخ خاڪن تي ٻڌل ڪتاب به شايع ڪيو ويو آهي پر حڪومت پاران هالينڊ سان سفارتي لاڳاپا برقرار آهن، عدالت حڪم جاري ڪري ته گستاخ خاڪن خلاف احتجاج ڪندي هالينڊ سان سفارتي لاڳاپا ختم ڪيا وڃن ۽ سندن سفير کي ملڪ بدر ڪيو وڃي. عدالت درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي رمارڪس ڏنا ته حڪومت کي گستاخ خاڪن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ گهرجي، رياست جي ذميواري آهي ته اها شهرين کي بنيادي انساني حقن ۽ مذهبي جذبن جي حفاظت ڪري، هالينڊ ۾ گستاخ قدم سان پاڪستاني شهرين جا جذبا مجروح ٿيا آهن. عدالت وزيراعظم، پرڏيهي سيڪريٽري، وفاقي گهرو سيڪريٽري ۽ آءِ ٽي جي وفاقي وزارت کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا ۽ حڪم ڏنو ته ڌريون 15 آڪٽوبر تائين جواب جمع ڪرائين ۽ ٻڌايو وڃي ته گستاخ خاڪن بابت ڪهڙا قدم کنيا ويا آهن. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 15 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.