آچر 18 نومبر 2018ء

ڊيم جي اڏاوت تي خيرات وٺڻ جون ڳالهيون ڪندڙن کي شرم اچڻ گهرجي: چيف جسٽس پاڪستان

ويب ڊيسڪ: اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار چيو آهي ته ڊيم جي اڏاوت تي خيرات وٺڻ جون ڳالهيون ڪندڙن کي شرم اچڻ گهرجي. رپورٽن مطابق سپريم ڪورٽ ۾ مختلف ڪيسن جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ثاقب نثار ڊيم جي اڏاوت بابت رمارڪس ڏيندي چندا مهم تي تنقيد ڪندڙن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪي ماڻهو چئي رهيا آهن ته خيرات وٺي رهيا آهن، تن کي شرم اچڻ گهرجي، اهڙي قسم جا الزام هڻندڙن کي شرم اچڻ گهرجي. هن چيو ته مخالفن کي ڪجهه نه مليو ته ڊيم جي اڏاوت تي مخالفت شروع ڪري ڇڏي آهي، ڪم ظرف ماڻهو اهڙي قسم جي سوچ رکن ٿا. سندس چوڻ هو ته اسان اهو ڪم قومي جذبي تحت شروع ڪيو آهي، پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪم ڪرڻ خيرات وٺڻ ناهي.