جمعو 21  سيپٽمبر 2018ع

سپريم ڪورٽ ايل اين جي معاهدي جا سمورا تفصيل طلب ڪري ورتا

ويب ڊيسڪ: اسلام آباد: سپريم ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي حڪومتي دور ۾ قطر سان ايل اين جي جي خريداري بابت ٺاهه جا تفصيل ترت طلب ڪري ورتا آهن. رپورٽن مطابق سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس ميان ثاقب نثار ايل اين جي ٺاهه خلاف شهري جي داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته مهانگي اگهن تي ايل اين جي گهرائڻ جو ٺاهه ڪيو ويو آهي، جنهن سان ملڪ کي اربين ڊالر جو نقصان ٿي رهيو آهي. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا نيب جو ڪو نمائندو عدالت ۾ موجود آهي جنهن تي عدالت کي نه جي صورت ۾ جواب مليو. چيف جسٽس چيو ته نيب جو ڪو نمائندو هتي موجود هجڻ گهرجي. عدالت ڪيس جي جاچ جا سمورا تفصيل طلب ڪندي ٻڌڻي ڪجهه دير لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي آهي.