اڱارو 18  سيپٽمبر 2018ع

اهو تاثر غلط آهي ته ڊيم فنڊ لاءِ غير قانوني ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏينداسين: چيف جسٽس پاڪستان

ويب ڊيسڪ: اسلام آباد: چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار جو چوڻ آهي ته اهو تاثر غلط آهي ته ڊيم فنڊ لاءِ غير قانوني ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏينداسين. سپريم ڪورٽ ۾ چڪ شهزاد ايگري فارم هائوس بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ڏيندي چيو ته اهو تاثر غلط آهي ته ڊيم فنڊ لاءِ غير قانوني ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏينداسين، فنڊ سپريم ڪورٽ جي نالي تي آهي، ان جي نالي تي ڪير قبضو نه ٿو ڪري سگهي.