اربع 21 نومبر 2018ء

سپريم ڪورٽ کدڙن فقيرن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ کين عدالت ۾ نوڪري ڏيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

ويب ڊيسڪ: اسلام آباد: سپريم ڪورٽ کدڙن فقيرن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ کين عدالت ۾ نوڪري ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. رپورٽن مطابق چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بئنچ کدڙن فقيرن جي قومي سڃاڻپ ڪارڊ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته سمورن درخواستگذارن کي قومي سڃاڻپ ڪارد جاري ٿي ويا آهن، جنهن تي نادرا اختيارين ٻڌايو ته اسان سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪري رهيا آهيون ۽ ان سلسلي ۾ سهولت مهم پڻ جاري آهي، نادرا 342 کدڙن کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪيا آهن پر هو سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ لاءِ نٿا اچن. لا ڪميشن جي سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته کدڙن فقيرن کي قتل پڻ ڪيو ويو آهي، 2015ع کان هن وقت تائين 500 کان وڌيڪ کدڙن فقيرن کي قتل ڪيو ويو، کدڙن فقيرن جي حوالي سان جيڪا گائيڊ لائين جوڙي وئي، ان تي وفاق اڃا تائين جواب ناهي ڏنو. جنهن تي چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته اهڙا واقعا بدنامي جو سبب بڻجن ٿا، هي انگ اکر اهڙا ناهن جن جو ذڪر عدالتي حڪم نامي ۾ ڪيو ويو آهي. عدالت ٻن کدڙن فقيرن کي سپريم ڪورٽ ۾ نوڪري ڏيڻ جو فيصلو پڻ ڪيو. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته کدڙن فقيرن جي معاشراتي مسئلا حل ٿيڻ گهرجن، اسان ته کدڙن فقيرن کي قومي ڌارا ۾ آڻي رهيا آهيون. چيف جسٽس کدڙن فقيرن خلاف ويب سائيٽن جو پڻ نوٽيس وٺي ڇڏيو. هن پڇاڻو ڪيو ته هڪ ويب سائيٽ ذريعي غير ضروري ڄاڻ ۽ افواهون پکيڙيون پيون وڃن، اهڙو مواد ملڪ جي بدنامي جو سبب بڻجي رهيو آهي، اها ڪهڙي اين جي او آهي جيڪا پيج ٺاهي بدنام ڪري رهي آهي؟ عدالت کدڙن فقيرن جي حقن جي حوالي سان سفارشون ٻن هفتن ۾ طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي.