سومر 19 نومبر 2018ء

نئين آءِ جي سنڌ ڪليم امام عهدي جي چارج سنڀالي ورتي، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ملاقات

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي نئين مقرر ٿيل آءِ جي ڪليم امام پنهنجي عهدي جي چارج سنڀالڻ بعد وڏي وزير مراد علي شاهه سان به ملاقات ڪئي، وڏي وزير کيس صوبي ۾ امن امان بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. ڊاڪٽر ڪليم امام سينٽرل پوليس آفيس ڪراچي پهتو ته پوليس جي چست جٿي کيس سلامي پيش ڪئي، ايڊيشنل آءِ جي سنڌ، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي، ايڊيشنل آءِ جي اسپيشل برانچ، ڊي آءِ جي هيڊ ڪوارٽرز ۽ ٻين پوليس جي اعليٰ آفيسرن نئين آجي ڪليم امام جي آجيان ڪئي. نئين آءِ جي عهدي جون ذميواريون سنڀالڻ بعد سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران صوبي ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.