جمعو 14 ڊسمبر 2018ء

ڪترينا ڪيف هن سياري جي ناهي هو هڪ ايلين آهي: بالي ووڊ اداڪار عامر خان

شوبز نيوز: ممبئي: بالي ووڊ جي مسٽر پرفيڪٽ عامر خان ڪترينا ڪيف کي ايلين قرار ڏيندي چيو آهي ته هو ان سياري جي نٿي لڳي. مسٽر پرفيڪٽ عامر خان جي تعريف هر ڪوئي ڪندو آهي پر هو به ٻين جي تعريف ڪرڻ ۾ ڪنهن کان گهٽ ناهي.عامر خان ”ثريا جان“ گاني ۾ ڪترينا جي رقص جي تعريف ڪندي چيو ته مونکي سمجهه نٿي اچي ته آخر ڪترينا ڪيف ايتري سٺي ڊانس ڪئين ٿي ڪري، هن چيو ته مونکي ته هو هن سياري جي نٿي لڳي هو ايلين آهي، جڏهن مان ”ثريا جان“ گاني جي ڊانس اسٽيپس ڏٺي ته مونکي لڳو ڪترينا ڪيف هي نه ڪري سگهندي پر هن بهترين انداز ۾ رقص ڪيو ۽ هو گهڻي محنتي آهي. جڏهن ته هي پهريون ڀيرو نه پر عامر ڪترينا جي ڊانس جي تعريف ڪئي هجي پر هو ان کان پهريان به اهڙن ڪيترن ئي موقعن تي ان جي تعريف ڪري چڪو آهي، ڪجهه ڏينهن پهريان ”ثريا جان“ گاني جي رليز جي موقعي تي ان جو چوڻ هو ته ڪترينا ايترو سٺو رقص ڪندي آهي. مان 10 سالن ۾ به اهڙي ڊانس نه ڪري سگهندس. ۽ ان کان پهريان به هو ڪترينا لاءِ پنهنجي ديوانگي جو اظهار ڪندي چئي چڪو آهي ته ”ڌوم 3“ جي وقت کان منهنجي دل ڪترينا ڏانهن آيل آهي.