ڇنڇر 23 فيبروری 2019ء

سنچورين ٽيسٽ: ڏکڻ آفريڪا پاڪستان کي شڪست ڏئي ڇڏي

سنچورين: ڏکڻ آفريڪا پهرئين ٽيسٽ ۾ پاڪستان کي ڇهن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. پاڪستنا طرفان ڏنل 149 رنسن جي هدف جو پيڇو ڪندي ميزبان ٽيم جا اوپنرز ميدان ۾ لٿا ته ٻئين ائي اوور ۾ حسن علي جي بال تي اوپننگ بيٽسمين ايڊن مرڪرم ايل بي ڊبليو آئوٽ ٿي ويو. ٻئين وڪيٽ لاءِ هاشم آملا ۽ ڊين ايلگر وچ ۾ 119 رنسن جي حصيداري قائم ٿي ۽ ڊين ايلگر 5 رنسون ٺاهڻ کانپوءِ پارٽ ٽائم بالر شان مسعود جي بال تي وڪيٽن جي پويان ڪيچ آئوٽ ٿيو. پروٽيز کي ٽيون نقصان ڊي بران جي صورت ۾ ٿيو جيڪو ياسر شاهه جي بال تي سرفراز احمد جي هٿان اسٽمڊ ٿيو جڏهن ته ڏکڻ آفريڪي ڪپتان فاف ڊوپليسي به پاڪستاني قائد سرفراز احمد جيان ٻئين اننگز ۾ به ٻُڙي تي آئوٽ ٿيو، کيس شاهين آفريدي حسن علي هٿان ڪيچ آئوٽ ڪرايو. ڏکڻ آفريڪي بيٽسمين هاشم آملا 63 ۽ باووما 13 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.