جمعو 21  سيپٽمبر 2018ع

ٽالپر وڏا ڀرسان ڳوٺ لائق پاتي جو پرائمري اسڪول سهولتن کان محروم

ٽالپر وڏا : ويب ڊيسڪ: ٽالپر وڏا ڀرسان ڳوٺ لائق پاتي جو پرائمري اسڪول سهولتن کان محروم، ٻارڙا وڻ هيٺان پڙهڻ لڳا، ان سلسلي ۾ 1953ع ۾ قائم ڪيل بوائز پرائمري اسڪول جي بلڊنگ زبون ٿي وئي، پيئڻ جي پاڻي ۽ واش روم جي اڻهوند آهي، جڏهن ته گرمي توڙي سردي ۾ ٻارڙا ٻٻر جي وڻ هيٺان تعليم پرائڻ تي مجبور آهن، اسڪول جي چوديواري به پٽ پئجي وئي آهي، هوڏانهن ڳوٺ جي مک رستي تي اسڪول هجڻ ۽ چوديواري ڪرڻ سبب اڪثر گاڏيون گذرندي ٻارڙن جا ايڪسيڊنٽ پڻ معمول بڻيل آهن، هوڏانهن سهولتون نه هجڻ سبب سرندي وارا سرٽيفڪيٽ ڪڍرائي ويا آهن، صرف غريب ٻارڙا ڏک ۽ سک ۾ تعليم پرائين ٿا، ٻئي پاسي اسڪول ۾ 130 ٻارڙن لاءِ صرف 2 استاد مقرر ٿيل آهن، حڪومتي پاليسي تحت 30 ٻارڙن تي هڪ استاد هجڻ گهرجي پر ڄاڻايل اسڪول ۾ استادن جي کوٽ پڻ آهي، هوڏانهن استادن چيو ته جيڪڏهن سهولتون نه هونديون ته بهتر تعليم نه ڏئي سگهنداسين، ٻارڙا سمجهي به نه سگهندا، ڳوٺاڻن ۽ استادن صوبائي وزير کان مطالبو ڪيو آهي ته اسڪول جي نئين بلڊنگ ۽ ٻيون سهولتون ڏنيون وڃن.