اڱارو 18  سيپٽمبر 2018ع

دوڙ ۾ هاءِ اسڪول جي شاگردن جو ڀاڙن ۾ واڌ خلاف احتجاجي مظاهرو

دوڙ: ويب ڊيسڪ: دوڙ جي يوسي ناڻياڻي جي مختلف ڳوٺن کان هاءِ اسڪول دوڙ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ايندڙ شاگردن ظفر ڪيريو، مهتاب ۽ غلام رضا جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته اسان غريب گهراڻن سان تعلق رکندڙ شاگرد آھيون، ناڻياڻي،ڳوٺ امام الدين ڪيريو، ديهه 5 داد، ديھه 81 ۽ ديهه 80 جي ڪيترن ئي ڳوٺن جا شاگرد سواري جي بندوبست کان محروم آھيون، چنگجي رڪشائن ذريعي ڳاٽي ٽوڙ ڀاڙا ڀري اسڪول طرف ايندا آھيون، ڪافي غريب ۽ پورهيت طبقي جا شاگرد اڳتي پڙھي نه ٿا سگهن، اچانڪ 10 رپين جي واڌ ڪري اسان کان 20 رپيا ورتا وڃن پيا، جيڪا سرار ناانصافي آھي، ھنن ضلعي انتظاميا کان گهر ڪئي ته ڪرايا گهٽائي شاگردن جي تعليم بچائي وڃي.