آچر 18 نومبر 2018ء

ميرپورخاص ۾ خانگي اسڪول ۾ سنڌي نه پڙهائڻ خلاف سجاڳ ٻار تحريڪ جو مظاهرو

ميرپورخاص: ويب ڊيسڪ سنڌ جي خانگي اسڪولن ۾ سنڌي نه پڙهائڻ ۽ ڳريون فيون وصول ڪرڻ خلاف سجاڳ ٻار تحريڪ پاران پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن ڪبير ڀيل، مرتضيٰ چانڊيو، چندر ڪولهي، گلجي ۽ ٻين مظاهري کي خطاب ڪندي چيو ته هڪ سازش تحت سنڌي ٻولي کي هٿ وٺي تباهه ڪيو پيو وڃي، سنڌ جي نجي اسڪولن ۾ سنڌي نه پڙهائي اسان جي ٻارن کي مادري ٻولي کان پري رکيو پيو وڃي، جيڪو قوم ۽ ٻولي دشمن عمل آهي، جڏهن ته نجي اسڪولن ۾ سنڌي نه پڙهائڻ سميت ڳريون فيون وصول ڪيون وڃن ٿيون، هنن مطالبو ڪندي چيو ته نجي اسڪولن ۾ سنڌي پڙهائڻ کي لازمي قرار ڏئي ڳريون فيون وصول ڪندڙ اسڪولن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.